نسل پرستانه رويي پريانڪا چوپڙا کي آمريڪا ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) گهر وڃان ۽ ماني ٺاهيان، نسل پرستانه رويي پريانڪا چوپڙا کي به آمريڪا ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو ته آمريڪا ۾ رهڻ  دوران  هو ان قدر نسل پرستي جو شڪار هئي جو انهي کي  آخر ڪار آمريڪا ڇڏڻو پيو. اڳوڻي مس ورلڊ هن وقت نسل پرستي جو شڪار آهي. جڏهن هو 12 سالن جي عمر ۾ تعليم لاءِ آمريڪا وئي، آمريڪي شهري پريانڪا کي برائوني چئي مخاطب ٿيندا هئا. آمريڪا ۾ ڪڏهن به ڀارتي شهرين کي سنجيده نه ورتو ويو. ڀارتي ماڻهن کي سر سڏڻ جي انداز تي به مذاق اڏايو ويندو آهي. اسان جيڪو گهر ۾ ماني ٺاهيندا آهيون. ان جي خوشبو جو اتي مذاق اڏايو ويندو آهي. انهن طعنن کان تنگ ٿي آمريڪا ڇڏي ڀارت اچي وئي آهيان. مگر ان دوران اهڙو نسل پرستانه سلوڪ ٿيو جو ان جا جذبات مجروح ٿيا. پوءِ هو وطن واپس موٽي وئي آهي. پريانڪا چوپڙا چيو ته مون زندگي ۾ وڏي نسل پرستي برداشت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *