ڪنگنا جي نئين فلم سئو ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڪنگنا راناوت جو شمار بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ هو هاڻي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ هڪ سٺي دور مان گذري رهي آهي. گذريل سال ريليز ٿيڻ واري ان جي فلم ڪوئين جي ڪاميابي ان کي بالي ووڊ جي ملڪه ٺاهي ڇڏيو، جڏهن ته  ڪجهه ڏينهن پهرين سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري نئين فلم تنو ويڊز منو ريٽرنز ۾ به ان جي اداڪاري  کي بيحد ساراهيو ويو. اها فلم به سئو ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڀارت جي  رسالي انٽرويو دوران هن کان شادي جي باري ۾ پڇيو ته ڪنگنا انتهائي پيشه ورانه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته 28 سال ٿيڻ جو اهو مقصد ناهي ته شادي ڪريان ۽ ٻار پيدا ڪريان، شادي هڪ انتهائي مشڪل ڪم آهي. گذريل 10  سالن کان مسلسل محنت ڪري رهي آهيان. انهي رشتي کي نڀائڻ لاءِ  وقت ڪونهي.مان هن وقت ان دور مان گذري رهي آهيان، جنهن ۾ پنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ بهتر ڪيان، مان ان موقعي کي ضايع نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڪنهن سان محبت ڪرڻ جي سوال تي ڪنگنا چيو ته محبت ڪئي نه ويندي آهي پر ٿي ويندي آهي. مون سان اڃا تائين اهو نه ٿيو آهي ۽ نه وري اهو ڪرڻ چاهيان ٿي. وشال ڀردواج ڪنگنا کي پنهنجي نئين فلم رنگون ۾ به ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *