زمبابوي جي ڪپتان چگمبورا تي 2 ون ڊي ميچن جي پابندي لڳائي وئي

دبئي(اسپورٽس نيوز): پرڏيهي ايجنسي جي مطابق  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پاڪستان جي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چگمبورا تي 2 ون ڊي انٽرنيشنل  ميچن جي لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته في رانديگر تي ميچ فيس جو 40 سيڪڙو جرمانو لڳايو ويو آهي، آءِ سي سي پاران ميچ ريفري روشن مهنامه، فيلڊ امپائر عليم ڊار، رسل ٽفن ۽ ٿرڊ امپائر احمد شهاب جي سفارش تي ڪيو ويو، آءِ سي سي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زمبابوي ڪپتان پنهنجي مقرر وقت کان 3 اوور پوئتي هو، جنهن جي ڪري ان تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان پابندي جي ڪري هو پاڪستان جون رهيل ٻن ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته چگمبورا تي پابندي لڳڻ کان پوءِ ٻن ميچن ۾ هميلٽن مساڪيڊزا زمبابوي جي لاءِ ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندو، واضح رهي ته زمبابوي کي پهرين ميچ ۾ 41 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن واري سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻين ميچ جمع تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *