نرگس فخري، عامر، سلمان، شاهه رخ، اميتاڀ بچن ۽ ٻين پنهنجي چاهيندڙن کي عيد واڌايون ڏنيون

ڪراچي (شوبز نيوز) فطرن جي عيد جي موقعي تي جتي ماڻهو هڪ ٻئي جون شڪايتون دور ڪري هڪ ٻئي کي عيد مبارڪو ڏيندي نظر اچن ٿا اتي فلمي تارن به پنهنجي چاهيندڙن کي مبارڪون ڏيڻ ۾ ڪنجوسيءَ کان ڪم ناهي ورتو. پاڪستاني فلمي تارن سماجي رابطن جي ويب سائيٽن ٽوئٽر، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام تي پنهنجي چاهيندڙن کي ڪجھه هيئن عيد مبارڪون پيش ڪيون. بلال لاشاري لفظن جي مامري ۾ تمام محتاط آهي هن لکيو ته ”سڀني کي عيد واڌايون“ جڏهن ته هن گذريل سال به پنهنجي چاهيندڙن کي اهڙو ئي پيغام ڏنو هو. ماهره خان جيتوڻيڪ پنهنجي فلم ”بن روئي“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، ان ڪري هِن ڀيري هوءَ عيد گھر کان پري ملهائي رهي آهي. هن پيغام ۾ پنهنجي گھروارن سميت سڀني کي مبارڪون پيش ڪيون. فيصل قريشيءَ عيد جي موقعي تي پشاور سانحي جي شهيدن ۽ آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن کي به ياد رکيو. ريحام خان به سڀني چاهيندڙن کي دلي عيد مبارڪون پيش ڪيون. ريحان خان نهايت نرم انداز ۾ پاڻ تي تنقيد ڪندڙن تي کي به مبارڪون ڏنيون. صنم سعيد کي عيد جي موقعي تي پاڪستاني کاڌا ۽ ڪلف وارا ڪپڙا ياد هئا. حمزه علي عباسي به پنهنجي چاهيندڙن سان پيار ونڊيو. جڏهن ته پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پڻ انسٽا گرام تي گلن جي پَتين سان پنهنجي چاهيندڙن لاءِ پيغام شيئر ڪيو. هوڏانهن بالي ووڊ تارن به مسلمانن کي عيد جي سهڻي موقعي تي مبارڪون ڏنيون. نرگس فخري، رشي ڪپور، رنبير ڪپور، عامر، سلمان، شاهه رخ، اميتاڀ بچن، پريانڪا چوپڙا، ڪرينا ڪپور، ڪترينا ڪيف، سوناڪشي سنها، دپيڪا پڊوڪون، بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا رناوت ۽ ٻين پڻ چاهيندڙن کي عيد واڌايون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *