مشي خان پاران ڪوڙو چيڪ ڏيڻ ۽ داخل فراڊ ڪيس جو مامر حو حل نه ٿي سگھيو

اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪارا مشي خان پاران ڪوڙو چيڪ ڏيڻ ۽ داخل فراڊ ڪيس جو مامر حو حل نه ٿي سگھيو. عيد الفطر دوران به پوليس اهلڪار جاچ لاءِ ساڻس رابطو ڪندا رهيا پر مشي خان عيد الفطر جي موڪلن جي ڪري جاچ لاءِ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هلندڙ هفتي جاچ جي شروعات ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ هو ته اداڪارا مشي خان ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ جي لاءِ عدالت سڳوريءَ کي درخواست ڏني آهي، جنهن تي پڻ عيد جي ڪري ڪو فيصلو نه ٿي سگھيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *