پاڪستاني فلمن ”رانگ نمبر ۽ بن روئي“ ڀارتي فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ کي هارائي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني فلمن ”رانگ نمبر ۽ بن روئي“ ڀارتي فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ کي هارائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب عيد جي موقعي تي پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز جي فلم ”رانگ نمبر“ ۽ همايو سعيد ۽ ماهره خان جي فلم ”بن روئي“ سينيما گھرن ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيون ويون، جن کي ڏسندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي ۽ ٻنهي پاڪستاني فلمن ڀارتي فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي مقابلي ۾ بهترين ناڻو ڪمايو. ان بابت اداڪار ياسر نواز ۽ ندا ياسر جو چوڻ هو ته فلم ”رانگ نمبر“ جي ڪاميابيءَ سان اسان جا حوصلا وڌيا آهن ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڏسندڙ پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي بحاليءَ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته جھڙيءَ طرح اسان جي فلم کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو سينيمائن ۾ اچي رهيا آهن اهو اسان جي اميدن کان وڌيڪ آهي، فلم جي ڪاميابيءَ سان انڊسٽريءَ تي ڇانيل ڪارا ڪڪر هٽي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *