سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جو سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ اٿارٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيٿاميٿو الانگوان سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪڙمي جي طريقن ۾ به تبديلي متعارف ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو. اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽڙي ساجد جمال ابڙو شرڪت ڪئي.  وڏي وزير چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي (ايس ايس ڊبليو ايم اي) قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو هڪ نئين باڊي آهي ۽ کيس صلاحيتن ۾ واڌ جي ضرورت آهي ته جيئن هو سائنسي بنيادن تي بهترين ڪارڪردگي سان ڪم ڪري سگهجي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف چيو ته هو سنڌ حڪومت وٽ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ايڪسپرٽ موڪليندو ۽ پي اينڊ ڊي ذريعي اٿارٽي جي گنجائش کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ تفصيلي پلان ترتيب ڏنو ويندو ته جيئن سالڊ ويسٽ جي ڊسپوزل جي ڪارڪردگي ۽ مينجمينٽ به بهتر ٿي سگهي پر ان کي هڪ خوداختيار ادارو بڻائڻو پوندو. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي جي صلاحيتن ۾ اهڙي طرح وڌايو ويندو ته مختلف مرحلن ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪري سگهجي. پهرين مرحلي ۾ هو ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ ڪم شروع ڪندا ۽ ان کانپوءِ ضلعي هيڊڪوارٽرز. وڏي وزير چيو ته اسان جا هاري روايتي فصلن جي پوک ڪري رهيا آهن ۽ آئون چاهيان ٿو ته کين ڪڙمي طريقن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي متعارف ڪرايان ته جيئن لو ڊيلٽڪ فصلون وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ان سان ڳوٺاڻي معيشت بهتر ٿيندي. مراد علي شاهه چيو ته ننڍن آبادگارن لاءِ هڪ الڳ کيتيءَ جو نظام به ڊيولپ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کين آمدني کي باغات گهٽ نقد فصلن ۾ تبديل ڪري کيس آمدني ۾ سڌارو آڻي سگهجي ٿو. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيٿاميٿو الانگوان چيو ته هو هتي پاڻ سان گڏ گلوبل ايگريڪلچرل ايڪسپرٽ آڻيندو ۽ کيس زراعت کاتي ۽ پي اينڊ ڊي جي ماهرن سان اجلاس ڪوٺائيندو. هن چيو ته هو مرحلن ۾ عملدرآمد لاءِ هڪ رٿا تيار ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت مختلف ضلعن سميت ٿر ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائيت جي پروگرامن تي ڪم ڪري رهي آهي. ان پروگرام جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. ورلڊ بينڪ جي ٽيم جلد ايندي ۽ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل عملدارن سان اجلاس منعقد ڪندي ته جيئن زراعت ۽ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ سيڪٽرن ۾ سڌارا آڻي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *