نان فائيلرن کي نئين فنانس بل ۾ ڪا به ڇوٽ نه ڏني ويندي: ايف بي آر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر ترجمان طرفان نئين فنانس بل ۾ نان فائيلرن بابت وضاحت جاري ڪئي وئي آهي. فيڊرل بورڊ آف ريونيو ( ايف بي آر ) طرفان جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته نان فائيلرن کي نئين فنانس بل ۾ غير منقوله جائيداد ۽ گاڏين جي خريد تي ڪا به ڇوٽ نه ڏني ويندي، حقيقت اها آهي ته نئين فنانس بل ۾ نان فائيلرن جي قانوني حيثيت کي ئي ختم ڪيو ويو آهي. ايف بي آر ترجمان موجب سمورن انڪم ٽئڪس آرڊيننس تحت پنهنجي ٽئڪس ايبل انڪم جا گوشوارا جمع ڪرائڻا پوندا آهن، ڪنهن به وڏي مالي ٽرانزيڪشن تي گواشوارا داخل نه ڪرڻ جي صورت  ۾ مڪمل طريقيڪار ڏهين شيڊول تحت واضح ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن کي نه رڳو ود هولڊنگ اسٽيج تي 100 سڪيڙو وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻو پوندو پر طريقيڪار مان ٽئڪس جو تعين کان پوءِ لڪايل آمدني تي ڏنڊ ۽ سزا به لاڳو ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *