هڪ نه ڏهه ڪميشن جوڙيو اسان وٽ هڪ هڪ رپئي جو حساب آهي: ن ليگ

اسلام آباد/ ظفروال(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هاڻ پوئتي وڃي رهيو آهي ۽ اڄ ڪو به غريب پرسڪون زندگي ناهي گذاري رهيو. مريم نواز ظفر وال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن نواز شريف کي ڪرسي تان هٽايو ويو ته ملڪ تباهه ٿي ويو. موجوده بجيٽ ۾ عوام تي قيامت برپا ڪئي وئي. ملڪ ۾ ريڙهي واري سميت ڪير به خوش ناهي ڇو ته بجيٽ ۾ هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اُهو ملڪ آهي جتي هڪ ڏينهن ۾ 2-2 ڌماڪي ٿيندا هئا پر نواز شريف جي ئي ڪوششن سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو. نواز شريف جي دور ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ روڊن جا ڄار وڇايا ويا. مريم نواز چيو ته نواز شريف کي اقامي جهڙي مذاق تي وزير اعظم جي ڪرسي تان هٽايو ويو. عمران خان چوي ٿو ته آئون ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ناهيان ڪري رهيو نيب ڪري رهيو آهي پر نيب کي عليمه باجي ڏوهه جي اعتراف باوجود ڇو نظر ناهي اچي رهي. نواز شريف جي خلاف گاڏين جو ڪيس بڻائيندڙن کي گهرجي ته هو هڪ ڪيس نواز شريف جي ڪرسي تي به بڻائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران خان پٺيان لڪي وار ڪرڻ جو عادي آهي. ان ۾ ايتري جرعت آهي ته سامهون اچي چوي ته آئون نواز شريف شهباز شريف جي خلاف ڪيس قائم ڪيا.  جنهن شخص سازشون ڪرڻ سکيون هو قانون ۽ عوام کي منهن نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته عمران خان اشتهار ڏيندي نواز شريف جي خلاف درخواستون وٺي عدالتن ۾ وڃي رهيو هو ججن تي دٻاءُ وجهندو هو پر ڪنهن ۾ ايتري جرعت نه هئي جو ان اشتهاري ۾ ڪير هٿ وجهي. مسلم ليگي اڳواڻ چيو ته 300 ڪنال جي گهر ۾ رهندڙ وزير اعظم رڳو هڪ لک رپيا ٽيڪس ڏيندو آهي پر غريب عوام جي کير پيئندڙ ٻار کان به ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ رڳو غريبن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته جنهن انسان ڪڏهن پنهنجي هٿ سان ڪمائي ناهي کاڌو ۽ جنهن جي خاندان ڪڏهن ڪو واپار ناهي ڪيو ڇا نيب ۾ ايتري همت آهي جو عمران خان جي خلاف اثاثن کان وڌيڪ ڪيس بڻائي؟ عمران خان باڪردار ۽ ايماندار جج جي خلاف ئي ريفرنس بڻايو. عمران خان ۾ ايتري جرعت آهي ته سامهون اچي چوي ته جج جي خلاف ريفرنس ۾ بڻايو. مريم نواز چيو ته بني گالا جو گهر ته بنا اين او سي جي بڻيو پر ڪنهن ۾ ايتري همت ناهي جو ان کي ڊاهي پٽ ڪري. هتي ته رڳو غريبن جا ئي گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن.

ٻِئي طرف پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان طرفان اعليٰ اختياراتي ڪميشن جي تجويز کي مخالف ڌر کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ۽ چيو ته هڪ نه ڏهه انڪوائري ڪميشن جوڙيو اسان وٽ هڪ، هڪ رپئي جو حساب آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اعليٰ اختياراتي ڪميشن جوڙي عمران خان جو دماغي معائنو به ڪيو وڃي، وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ انتهائي نروس نظر آيو ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي تان نظر هٽائڻ لاءِ ڪنٽينر وارو لهجو استعمال ڪيو ويو. ن ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته ان تي ڪميشن جوڙي وڃي ته عوام هن نالائق حڪومت کي ٽئڪس ڏيڻ بند ڪيو، اها مخالف ڌر کي نه ڌمڪائي، مولابجٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريو ۽ ڪنٽينر تان لهو، آءِ ايم ايف سان ڊيل ۽ عوام دشمن بجيٽ جو کين جواب ڏيڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جي مخالف ڌر جيل وڃڻ کان نٿي ڊڄي، ڌمڪين سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان قرض ورتو ته يارنهن هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ داخل ڪئي، موٽروي ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، هڪ نه ڏهه انڪوائري ڪميشن ٺاهيو اسان وٽ هڪ، هڪ رپئي جو حساب آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *