قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري، مون لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کان وڌيڪ ڪجهه ناهي : عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جار ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ بند ڪري، مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ڪو به پروٽوڪول نه ملڻ گهرجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري، مني لانڊرنگ ڪندڙن قوم کي غربت ۾ ڌڪيو ۽ نقصان پهچايو . عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪٿي عوام جي دولت لوٽيندڙن سان خاص ورتاءُ ٿيندو آهي؟  اڄ مني لانڊرنگ ڪندڙن جهموريت پٺيان پناهه وٺڻ چاهن ٿا. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کان وڌيڪ ڪجهه ناهي. وزيراعظم عمران خان خان تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ حڪومت جي پهرين بجيٽ تي کيس مبارڪ پيش ڪئي. بابر اعواڻ گذريل رات عمران خان طرفان قوم کي تقرير جي تعريف ڪندي ان کي اميد جو ڪرڻو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي خطاب عوام جي دلين تي گهرو اثر ڇڏيو، عوام کي يقين ٿي ويو ته تبديلي جو سفر تيزي سان جاري آهي، اهم قومي معاملن تي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بهترين روايت آهي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته مون لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، چاهيان ٿو ته ترقي جي هن سفر ۾ عوام ڀرپور ساٿ ڏئي.سندس چوڻ هو عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته ملڪ کي ڪهڙي ريت بي دردي سان ڦريو ويو، ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي، احتساب جو عمل مضبوط ۽ قانون تي عملداري يقيني بڻائڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *