اسحاق ڊار جا سمورا اثاثا منجمد، رپورٽ عدالت ۾ پيش، وڪيلن ۾ ڄنڊا پٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ناڻي واري وزير جا سمورا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا، جڏهن ته نيب اسحاق ڊار جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن موجب ناڻي وزير جا منقولا ۽ غير منقولا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان درخواست ڪئي ته اسحاق ڊار جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت اسحاق ڊار کي نوٽس جاري ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي بحث ڪريو، ناڻي وزير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ استغاثا جي وڌيڪ ٻن گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي، احتساب عدالت ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، ان ڪيس ۾ هي سندس ستين پيشي آهي، ٻڌڻي ۾ استغاثه جي گواهه ۽ نجي بئنڪ جي آفيسر عبدالرحمان گوندل جو بيان قلم بند ڪيو ويو، گواهه اسحاق ڊار جي بينڪ آڪائونٽ جا تفصيل به فراهم ڪري ڇڏيا، خواجا حارث اعتراض واريندي چيو ته نيب کي ڏنل ۽ عدالت ۾ جمع ڪرايل ڪاغذن ۾ تضاد آهي، گواهه تي جرح دوران اسحاق ڊار جي وڪيل خواجا حارث ۽ نيب پراسيڪيوٽر وچ ۾ سخت تلخ ڪلامي به ٿي آهي، وڪيل خواجا حارث چيو ته نيب جو رويو ناقابل برداشت آهي، ۽ مان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهيان، مون کي نيب پراسيڪيوٽر تي افسوس ٿئي ٿو ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ڪيئن پراسيڪيوٽر آهي، گواهه ماهر آهن ۽ سمجهدار به ته پوءِ نيب پراسيڪيوٽر ڇو هر هر مداخلت ڪري رهيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر عمران شفيق جواب ۾ چيو ته مون تي ذاتي حملا نه ڪيا وڃن ۽ مان سينيئر وڪيل کان اهڙن حملن جي اميد نٿو ڪيان، خواجا حارث نيب پراسڪيوٽر کي چيو ته اوهان گواهه تي اثر اندار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو، جواب ۾ عمران شفيق چيو ته گواهه عدالت آڏو بيان ڏئي رهيو آهي ته ڪيئن اثرانداز ٿي سگهي ٿو؟، جج محمد بشير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان ٻنهي وڙهي بس ڪئي آهي ته پوءِ هاڻي اڳتي وڌون ۽ قانوني ڪارروائي پوري ڪيون، احتساب عدالت اڄ اسحاق ڊار خلاف استغاثا جي ٻن گواهن کي طلب ڪيو هو، جنهن ۾ خانگي بئنڪن جي آفيسرن عبدالرحمان گوندل ۽ مسعود غني شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *