نريندر مودي 5 آگسٽ جو قدم واپس وٺي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد/ڪوٽلي (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي جي حل ۾ اخلاص جو مظاهرو ڪري اسان ٻه قدم اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون، پر استحڪام ۽ امن واري اسان جي خواهش کي ڪمزوري جي علامت نه سمجهيو وڃي. وزير اعظم عمران خان ڪوٽلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  مودي ڀارت کي ورهائي چونڊ ته کٽي ويندو پر ملڪ ۾ تباهي جو بنياد پيو رکي، هندوستان جون حالتون ڏسي، ملڪ کي ورهائجي چڪو آهي، هندوستان ۾ مسلمانن سميت سموريون اقليتون ڊنل آهن، آر ايس ايس جي جڏهن به ايجنڊا سامهون آئي ته پنهنجي ئي ملڪ کي نقصان رسايو، مودي کي پيغام آهي ته توهان جي آئيڊيالاجي توهان کي اليڪشن ۾ کٽرائيندي پر هندوستان کي تباهه ڪندي، اڄ ٻيهر پيغام ڏيان ٿو ته پنج آگسٽ جي قدمن کي واپس کڻو ۽ پوءِ اسان سان ڳالهايو. وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان توهان سان ٻيهر ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اِهو نه سمجهو ته اسان ڪمزوري جي عالم ۾ توهان سان دوستي ٿا رکڻ چاهيون، هي ملڪ ڪلمي جي بنياد تي جڙيو، هي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ وارو ناهي، دوستي واري ڳالهه کي اِهو نه سمجهو اسان کي ڊپ يا خوف آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميري آزاد هجن اِهو هنن جو انساني ۽ جمهوري حق آهي. ان کان سواءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي وزير اعظم آفيس طرفان جاري ٿيل بيان ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪشميرين کي سندس حق خوداراديت ڏيڻ لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *