نااهل حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت جي نااهل عوام تي هڪ ٻيو معاشي حملو، نااهل حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان تي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت بجلي جي يونٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 50 پئسا واڌ ڪري رهي آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو ظالماڻو فيصلو واپس وٺي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو اثر دوائن کان وٺي هر شيءِ تي ٿيندو، اوهان پنهنجو ڪو به واعدو وفا ناهي ڪيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومتون رڳو واعدن ۽ دعوائن تي ناهين هلنديون ، جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي عوام جو ذري برابر احساس آهي ته هو فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *