اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات کاتي جي ڪاررڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. اها ڳالھ اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني اڄ اطلاعات کاتي سنڌ جي ميڊيا سيل جي دوري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته اطلاعات کاتي سنڌ کي جديد دور جي گھرجن سان آراستا ڪيو وڃي ته جيئن ترقي جي هن دور ۾ عوام کي جلد ۽ وقت سر معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگھجي. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت جي عوامي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ورتل اُپائن ۽ منصوبن جا تفصيل عوام تائين پهچائڻ اطلاعات کاتي جي بنيادي ذميواري آهي. هن آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پوري محنت ۽ دل سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا سيل کي جديد مشينري ۽ سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سيل جو دورو پڻ ڪيو. صوبائي وزير کي ميڊيا سيل جي ڪارڪردگي ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ به ڏني وئي. ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس اختر علي سورهيو ۽ ڊائريڪٽر پبليڪشن ذوالفقار شاھ به ان موقعي تي موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *