عمران خان شفاف چونڊن ۽ مضبوط مڪاني حڪومتن جو واعدو پورو ڪيو:فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون ڀيرو حڪومت شفاف چونڊون ڪرايون ۽ مضبوط مڪاني حڪومت جو واعدو رڳو عمران خان پورو ڪيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته سڌو سنئون تعلقي جي سطح تي ووٽن سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، نه ته ڪيترو آسان آهي ته وڏي وزير جي صورت ۾ ڊڪٽيٽر رکي ڪم هلايو وڃي، جيڪا پ پ ۽ ن ليگ جي روايت آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان رويي جو شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به با اختيار نظام قائم ٿي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *