نااهلي ڪيس، بني گالا ايراضي بي نامي هجي ته به اصل مالڪ جمائمه هئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته بني گالا زمين بنا نالي جي هجي به ته اصل مالڪ جمائمه هئي صرف 6.5 سيڪڙو رقم جي ٽڙائيل ثآبت نه ٿي آهي. درخواست ڪندڙ موجب اڪائونٽ ۾ موجود 99 هزار پائونڊ به  ظاهر ڪرڻ گھرجن هان. اڱاري تي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثآقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ پي ٽي آئي جي پرڏيهي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نيازي سروس لنڊن فليٽ جو ٽيڪس بچائڻ جي لاءِ ٺآهي وئي، ان جي اڪائونٽ ۾ عمران خان جي ذاتي رقم به ايندي  رهي جڏهن ته 2003 کانپوءِ اڪائونٽ جا تفصيل به نه ڏنا ويا. درخواست ڪندڙ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ حنيف عباسي جي وڪيل عدالت ۾چيو ته پيش ڪيل دستاويز شڪن کان مٿانهون هجڻ گھرجن هان. دستاويز شڪي آهن. ٻه خط پيش ڪيا  ويا جنهن جون صحيحون پاڻ ۾ نه ملي رهيون آهن ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان گذريل ٻڌڻي تي به اهو اعتراض ٻڌي نوٽ ڪيو هو درخواست ڪندڙ جو موقف آهي ته دستاويز جعلي آهن ٽيڪس نمبر ۽ صحيحن سان گڏ ٻيون به غلطيون آهن. اڪرم شِيخ چيو ته ڪو ئي به وڪيل  اهڙا دستاويز سپريم ڪورٽ جي اڳيان پيش نه  ٿو ڪري سگھي توهان جي اڳيان دستاويز رکڻ جو مطلب آهي  ته ۽ اها اميد نه ڪئي وئي هئي ته دستاويز شڪي آهن، جسٽس عمر عطا بنديال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا توهان اسانکي اڪائونٽنٽ سمجھيو آهي؟ توهان زال مڙس جون ننڍيون شيون هتي آڻي رکو ٿا. جنهن تي حنيف عباسي جي وڪيل معذرت ڪندي چيو  ته مان توهان کان اهڙو ڪم ڪو به نه ٿو وٺي سگھان، غير ضروري شيون ناهن ۽ نه دهرائيندس منهنجو ڪيس عمران خان جي ٽيڪس ادائيگي جو  نه پر اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جو آهي چيف جسٽس چيو ته عمران خان ٽي ٽرانزيڪيشن ثابت ڪري ڇڏيون آهن صرف مئي  ۾ ايندڙ رقم ثآبت نه ٿي سگھي، ٻڌڻي دوران فيصل عرب پڇيو ته نيازي سروس کان سواءِ ڪو ٻيو اثاثو سامهون نه آيو، اڪرم شيخ چيو ته منهنجا ايترا وسيلا ناهن ته معلوم ڪري سگھان ته ڪو ٻيو ڪو اثاثو هيو اها حقيقت آهي ته نيازي سروس لميٽڊ ڪمپني 2015 تائين بحال رهي. جڏهن ته عمران خان 2013 جي اليڪشن ۾ نيازي سروس لميٽڊ ڪمپني کي ظاهر ڪري سگھي پيو. ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ عمران خان جو ڪتاب ۽ ڪرڪيٽ آمدني به ايندي رهي ، جڏهن ته عمران خان اين ايل ايس ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ رکيل پيسن کي استعمال ڪندو رهيو. چيف جسٽس چيو ته اهڙن حالتن ۾ اسان چاڪيو، ڇا اسان وٽ رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار آهي، جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته نيازي سروس اڪائونٽ ۾ موجود هڪ لک پائونڊ ڪنهن جو هيو. عمران خان اين ايس  ايل جا اثاثا 2002 ۽ 1997 جي ڪاغذن ۾ نه ٻڌايا. جسٽس فيصل عرب پڇيو ته پيسو ڪٿي به رکيو وڃي ان سان اسانجو ڇا؟ جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته ڪنهن جو ڪجھه به نه ٿو وڃي قانون جو سڀ ڪجھه و ڃي ٿو. عدالت پاڻ ڏسي. ته اين ايس ايل کي ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته منهن جو ڪيس اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جو آهي، جمائمه کي هڪ لک 80 هزار ڊالر قرض کان وڌيڪ ادا ڪيا جيترو قرض هيو اوتروئي ادا ڪرڻ گھرجي هان.، عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته منهنجي طبعيت گذريل ڏينهن کان وٺي خراب آهي  جنهن تي     چيف جسٽس چيو اڪرم شيخ سنجده سوال ڪيا آهن. جمائمه پاران راشد خان کي رقم موڪلڻ  تي سوال نه ڪيا ، جڏهن ته عمران خان جو قرض وٺڻ اليڪشن ڪيمشن جي رڪارڊ سان ثابت نه ٿو ٿئي انڪري جيڪو ڪيس ثابت ٿيل آهي انهي تي زور وجھندس. اڪرم شيخ چيو ته اهو ثابت ٿيل آهي ته جمائمه کان عمران خان قرض ورتو.  ڪاغذن ۾ قرض ظآهر نه ڪيو ويو . جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته  اهو  زال مڙس جي وچ ۾ معاملو هيو، اڪرم شيخ چيو ته معاملو پيءَ پٽ جو هجي يا زال مڙس جو قانون جي نظر ۾ ڏسڻون آهي ، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته قرض ظاهر نه ڪيو پر جمائمه جي نالي  زمين کي ظاهر ڪيو ويو جنهن تي شيخ اڪرم چيو ته عمران خان پنهنجي پهرين لکت واري جواب ۾ ڪٿي للکيو آهي ته زمين جمائمه جي لاءِ خريد ڪئي جڏهن ته آخري جواب ۾ عمران خان نئون موقف پيش ڪري ٿو هو چوي ٿو ته زمين سان ان جو تعلق ناهي ، هن چيو ته زمين جمائمه خريد ڪئي. مونکي ٻڌايو ته مان عمران خان جي ڪهڙي جواب تي دارومدار ڪيان.  شيخ اڪرم چيو ته 30 جون 2002 تائين عمران خان جي نالي قرض واجب الادا هيو اليڪشن جي ڪاغذن ۾ قرض کي ظآهر نه ڪيو ويو، جسٽس چيو ته پاناما ۾ معاملا ڪمپني جي وچ ۾ هيا ۽ پاناما ۾ پگھار جو معاملو پٽ ۽پيءُ جي وچ ۾ نه هيو جنهن تي شيخ اڪرم چيو ته  اها خانداني ڪمپني هئي خانداني معاملو هيو، شيخ اڪرم چيو ته عمران خان جي اپيل منظور ٿيڻ تي هو قومي اسمبلي جو ميمبر بڻجي ويو. جڏهن ته پرويز مشرف عمران خان وزيراعظم بنائن چاهي ٿو، چيف جسٽس پڇا ڪئي ته  ڇا 2013 جي اليڪشن عمران خان غلط بياني ڪئي آهي. 2002 جي اليڪشن ۾ نااهلي جو وقت گذري ويو انڪري اسانکي 2013 جي اليڪشن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي.  شيخ اڪرم چيو ته عدالت 2002 جي معاملي تي هڪ ميمبر کي 2013 ۾ نااهل ڪري چڪي آهي. جڏهن ته عدالت کي فيصلو ڪرڻون آهي. جڏهن عمران خان  مرد بڻجي ۽ پنهنجي ملڪيت ظاهر ڪري ۽ سينو تاڻي چوي ته اها زمين مان خريد ڪئي آهي ، عمران خان ملڪ جو وزيراعظم بڻجن چاهي ٿو. وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اڃان فيصلو محفوظ نه ڪري رهيا آهيون، فيصلو محفوظ ڪيو ته بعد سوال ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو.  جھانگير ترين ڪيس ۾ آفشور ڪمپني جو معاملو  اهي، جيڪڏهن عمران خان ڪيس بابت وڌيڪ سوالن جا جوابن جي ضرورت پئي ته جواب پڇنداسين، جھانگير ترين جي  خلاف حنيف عباسي جي درخواست جي ڌڻي اڄ اربع تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *