نيشنل ايڪشن پلان ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ جوڙيو ويو : خواجا آصف

اسلام آباد(م.ڊ)  پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا محمد آصف چيو ته موجوه حڪومت دوران شروع ڪيل فوجي آپريشن ڪامياب رهيا. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ اندر جمهوري نظام سگهارو ٿي رهيو آهي. امريڪا جي سندس ايندڙ دوري بابت هڪ سوال جي جواب جو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ان گڏجاڻي ۾ پنهنجي پوزيشن واضح ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي عوام نريندر مودي کي وزيراعظم چونڊيو آهي جيڪو انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسلمانن جي قتل عام ۾ ملوث هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *