نواز شريف بنا مقابلي ن ليگ جو صدر چوندجي ويو، پانامه نه اقامي تي وزير اعظم کي ڪڍيو ويندو آهي: نواز شريف

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ ن جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي صدارت لاءِ نواز شريف جي مقابلي ۾ پارٽي جي ڪنهن به ٻي ميمبر طرفان نامزدگي ڪاغذ نه جمع ڪرايا ويا آهن. پارٽي طرفان رٽرننگ آفيسر امير افضل مندوخيل کي مقرر ڪيو ويو هو. ان کان اڳ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ راڻا محمد افضل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جنهن کي اليڪشن ڪمشنر درست قرار ڏنو هو. نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيڻ کانپوءِ ڇنڊ ڇاڻ جو عمل مڪمل ٿيو جنهن بعد پولنگ ڪئي وئي. مسلم ليگ ن جي چيف اليڪشن ڪمشنر چوڌري جعفر اقبال نواز شريف جي پارٽي صدر طور ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو. هن پنهنجي اعلان ۾ چيو ته مسلم ليگ ن جي آئين جي شق 120 تحت پارٽي جي نئين صدر جي چونڊ ڪئي وئي  آهي. هن چيو ته آئين جي شق 122 تحت اليڪشن ڪميشن قائم ڪئي وئي جنهن جو پهريون اجلاس 29 آگسٽ تي گهرايو ويو جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف بنا مقابلي ايندڙ چئن سالن تائين مسلم ليگ ن جو صدر هوندو. چوڌري جعفر اقبال چيو ته شهباز شريف، طارق فضل چوڌري، راڻا محمد افضل، راجا اشفاق سرور، صابر شاهه، راجا فاروق حيدر، شآهه غلام حيدر، ثناءَ الله زهري، نصيب الله، امير مقام ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي نواز شريف جي ڪاغذن جا تائيد ۽ تجويز ڪندڙ آهن. ٻئي طرف  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڍاڪا سانحي مان ڪو به سبق حاصل نه ڪيو ويو آهي،  غلط فيصلن جي ملڪ ۽ عوام کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. مسلم ليگ ن جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائيندڙن سان ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، آمرن جا قسم کڻندڙ صادق به آهن ۽ امين به آهن. هن چيو ته مون کي سياست مان بار بار بي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عوام کيس ٻيهر سياست ۾ داخل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته 70 ورهين کان ملڪ سان ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي، ايئن آخري ڪيستائين هلندو رهندو، مان اقتدار نه پر قدرن جي سياست ڪندو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي، نااهلي جي سبب بابت عوام کي خبر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاناما ۾ ڪجهه نه هو ته عوام کي سچ ٻڌايو وڃي ها، قوم سان سچ ڳالهائڻ گهرجي، ڪرپشن ثابت نه ٿي ته مون کي اقامي تي نااهل قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته قدرن جي سياست لاءِ بينظير ڀٽو سان ميثاق جمهوريت ڪيو،  اطمينان جي ڳالهه آهي ته باشعور عوام مسلم ليگ ن سان گڏ آهي.نواز شريف چيو ته تميز الدين ڪيس کان وٺي بينظير ڀٽو تائين ڪهڙا ڪهڙا فيصلا آيا آهن. هن چيو ته پرويز مشرف منهن جو رستو روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي، اڄ ڊڪٽيٽر جو قانون سندس منهن تي هنيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ نفرتن جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو. نواز شريف چيو ته ملڪي حالتون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته پاڪستان اسان کي معاف نه ڪندو. هن چيو ته قوم ملڪ کي 2 ٽڪرا ڪندڙ سببن تي غور ڪري، اميد آهي ته 2018ع ۾ ن ليگ 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي.  سندس چوڻ هو ته اقتدار مان ڪڍڻ ۽ داخل ڪرڻ جي ڪنجي عوام وٽ هئڻ گهرجي، عوام جنهن کي ووٽ ڏي اهو ئي حڪومت ڪري ۽ فيصلا ڪري، پاڪستان ۽ عوام خاطر نفرتون ۽ ٽڪراءُ ختم ڪرڻو پوندو. نواز شريف چيو ته امانت ۾ خيانت جو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو، عوام فيصلو ڪري ته ڪير معيار تي پورو لهي ٿو ۽ ڪير نه ٿو لهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *