نئين سال 2021 جي پاڪستان ۾ آجيان، تبديلي سرڪار تيل ۽ گئس جا اگهه وڌائي ڇڏيا

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان ۾ نئين سال 2021ع جي آجيان، حڪومت نئون سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي تحفو ڏئي ڇڏيو. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 31 پيسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 106 رپيا هوندي. ان کان سواءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 80 پيسا واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 110 رپيا 24 پيسا هوندي. واضح رهي ته پهرين جنوري کان پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو. ذريعن موجب ان حوالي سان اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي هئي. اوگرا طرفان پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليل سمري ۾ پيٽرول 2 رپيا 96 پيسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 12 پيسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. هوڏانهن  ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 15 رُپيا في ڪلو اضافو ٿيڻ کانپوءِ گهريلو سلينڊر 180 ۽ ڪمرشل سلينڊر جي اگهن ۾ 692 رُپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي، گهريلو سلينڊر جو اگهه هڪ هزار 553 رُپين مان وڌي هڪ هزار 735 رُپيا ٿي ويو، ايل پي جي انڊسٽري ائسوسيئيشن چتاءُ ڏنو آهي ته ٽئڪسز ختم نه ٿيا ته 15 جنوري کان گئس سپلاءِ بند ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *