2020 حڪمرانن جي فراڊ، فريب، ڪوڙ جون سينچريون ٺاهڻ جو سال هو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي 2020 معاشي بدحالي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري جي سونامي جو سال قرار ڏيئي ڇڏيو پنهنجي بيان ۾ نئرباري چيو ته 2020 حڪمرانن جي فراڊ، فريب، ڪوڙ جون سينچريون ٺاهڻ جو سال هو هن چيو ته پارليامينٽ جي ذريعي حڪومت هلائڻ بدران بني گالا مان عوامي رد ڪيل ماڻهن تي گذارو ۽ فائدو ٿي رهيو آهي هن چيو ته ڪروڙ مان هڪ پڙهيل لکيل نوجوان کي روزگار نه ملي پر مالي مددگارن کي ٻاهران آڻي ڳرن معاوضن تي سرڪاري مددگار مقرر ڪيو ويو آهي هن چيو ته 50 لک گهر جو واعدو ته وفا نه ٿيو پر بني گالا گهراڻي جي سيڙپڪارن کي اربين رپين جي سبسڊي ڏني ويئي هن چيو ته اسلام آباد مان ڪشمير جو نالو ختم ڪري حريت پسند ڪشميرين کي بي سهارو ڪيو ويو آهي خود غرض ۽ دولت جي پڄارين پنهنجو تجوڙيون ڀرڻ لاءِ غريبن کان دال ماني کسي ورتي آهي هن چيو ته بدعنوان بدديانت حڪمران قومي خزانن ۽ ماڻهن جي کيسن تي ڌاڙا هنيا آهن هن چيو ته سرڪاري سهولتڪاري ۾ اٽو، کنڊ، پيٽرول، ڊالر، دوا مافيا عوام جي کيسن تي هٿ صاف ڪيا. چيئرمين بلاول ڀتو جي اڳواڻي ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو ڪردار جاري رهندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *