حڪومت پهرئين مرحلي ۾ هڪ لک سستا گهر تعمير ڪندِي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته تعميراتي شعبي تي فڪسڊ ٽيڪس رجيم ۾ 31 ڊسمبر 2021 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. 2020  جي پڄاڻي تي قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم تعميراتي شعبي کي نئين سال جو تحفو ڏنو ۽ چيو ته ڪنسٽرڪشن انڊسٽري کان 30 جون 2021 تائين آمدني جي ذريعن تي سوال نه ٿيندو. هن چيو ته اسان هلندڙ سال ڪنسٽرڪشن شعبي ۾ بهتري آندي، ڪنسٽرڪشن شعبي لاءِ مراعتن جي نتيجي ۾ 186 ارب رپين جا پراجيڪٽ رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 163 ارب رپين جا منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ 1500 ارب رپين سان شروع ٿيندڙ سرگرمين سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سندس چوڻ هو فيصلو ڪيو ويو آهي ته وڏن شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهينداسين، گهٽ لاڳت جي گهرن لاءِ 30 ارب رپيا سبسڊي ڏني ويندي ۽ ان لاءِ بئنڪ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *