مڪي آرٿر جو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف

 

ڪراچي( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر اعتراف ڪيو آهي ته قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ پڄاڻي اهڙي نه هئي، جنهن جي خواهش ڪئي هئي.فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب بنگلاديش خلاف وڏي ڪاميابي باوجود قومي ٽيم جي ڪوچ خوشي ۽ ڏک جي وچ ۾ ڦاٿل نظر آيو.صحافين سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته ايونٽ ۾ ٽيم جي پڄاڻي مايوس ڪندڙ رهي، جيڪڏهن اسان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچز کي ڏسون ۽ ان کانپوءِ آخري 4 ميچز تي نظر ڊوڙايون ته ٽيم جي ڌار ڌار پرفارمنس نظر اچي ٿي.مڪي آرٿر اعتراف ڪيو ته پاڪستاني ٽيم لاءِ ورلڊ ڪپ مهم جي پڄاڻي ائين ختم نه ٿي، جنهن جي خواهش هئي ۽ جنهن تي مايوسي ملي آهي.پاڪستان آخري ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏني هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *