ٽائيگر واحد اداڪار آهي جيڪو منهنجو مقابلو ڪري سگهي ٿو: هريٿڪ روشن

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار هريٿڪ روشن چيو آهي ته ٽائگر شروف ئي واحد اداڪار آهي جيڪو منهنجو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هريٿڪ روشن هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته فلمن ۾ گهڻو ڪري هيرو جي ڪردار کانپوءِ مان هاڻي ڪجهه مختلف ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو اهو ئي سبب آهي جو مان يش راج جي بينر ۾ ٺهندڙ فلم جي چونڊ ڪئي جنهن ۾ مون سان ٽائگر شروف به اداڪري جا جوهر ڏيکاريندو. هريٿڪ چيو ته قابل ۽ سپر 30 جهڙين فلمن کانپوءِ مان ڪنهن اهڙي اداڪار سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جي اداڪاري ۽ ايڪشن لاجواب هجي ۽ اها شئي مان ٽائگر شروف ۾ ڏٺي ۽ ائين لڳو ته ٽائيگر ئي اهو اداڪار آهي جيڪو مقابلو ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *