قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو عهدو ڇڏڻ کان انڪار

 

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪپتاني بابت منهنجي فيصلي جي اهميت ناهي، ان بابت فيصلو پي سي بي ڪندي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ميچ اسان جي ورلڊ ڪپ مهم تي اثر وڌو، رن ريٽ سبب سيمي فائنل تائين نه پهچي سگهياسين. هن چيو ته ڀارت خلاف سٺو نه کيڏياسين، ناڪامي تي افسوس ٿيو، ڀارت سان ميچ کانپوءِ صورتحال سخت هئي،  سموري ٽورنامينٽ ۾ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ڀرپور حمايت ڪئي.  سندس چوڻ هو ته پهرين پنجن ميچ ۾ ڪارڪردگي سٺي نه رهي پر آخري چئن ميچن ۾ ڪارڪردگي سٺي رهي، ٽيم ۾ گروپ بندي جي ڳالهه درست ناهي،  خراب کيڏڻ تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي.  سرفراز احمد چيو ته پنهنجي نمبر تي بيٽنگ ڪيان ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو آهيان، ٽيم طور اسان فائٽ ڪئي، ڪپتاني بابت  منهنجي فيصلي جي اهميت ناهي، فيصلو پي سي بي ڪندي، شعيب ملڪ کي آخري ون ڊي ميچ ۾ موقعو ڏيڻ جي خواهش هئي پر ايئن نه ٿي سگهيو.  هن چيو ته مستقبل ۾ اهليت جي بنياد تي رانديگر ٽيم ۾ جاءِ ٺاهينداسين، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بابت بورڊ فيصلا ڪري رهيو آهي، چئن ڏينهن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻي پوندي، جڏهن ته عابد علي، آصف علي، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي ٽيم ۾ جاءِ ٺهي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *