مڪاني چونڊن تي اڳڀرائي نه ٿي. سپريم ڪورٽ سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪٽريز کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) ســُپريم ڪورٽ، مڪاني چونڊن تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪٽريز کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن صوبن تڪبندين تي اليڪشن ڪميشن سان سهڪار نه ڪيو ته وڏن وزيرن کي طلب ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ، مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عدالت، بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سنڌ ۽ پنجاب جي رپورٽن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته صوبائي حڪومتون مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان لنوائي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته هلندڙ سال نومبر ته ڇا ايندڙ سال نومبر ۾ به اليڪشن نه ٿي سگهندي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن صوبن تڪبندين تي اليڪشن ڪميشن سان سهڪار نه ڪيو ته وڏن وزيرن کي طلب ڪيو ويندو. عدالت، مڪاني چونڊن تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽريز کي به طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *