5 سالن ۾ 8 3 6 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ڊي پيز لاءِ 0 1 ڪروڙ 4 6 لک ڊالر امداد ملي: حڪومت

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي کي حڪومت طرفان ٻڌايو ويو ته گذريل 5  سالن ۾ 8 3 6  دهشتگرد ماريا ويا آهن، آءِ ڊي پيز لاءِ 0 1  ڪروڙ 4 6  لک ڊالر امداد ملي، اسلام آباد ۾ 3 5  مدرسا غير رجسٽرڊ آهن، خيبر پختونخوا حڪومت کي 5  سالن دوران دهشتگردن جي ڏس ۾ 6 8  ارب 9 9  ڪروڙ رپيا واڌو ڏنا ويا، آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ ايرا 0 0 0 1  اسڪول آڪٽوبر 5 1 0 2 ع تائين مڪمل ڪندو، ميٽرو بس منصوبي جي لاڳت تي نظرثاني نه ڪئي ويندي، پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪنٽينرز کي چوري کان بچائڻ لاءِ ٽريڪنگ آلات لڳايا وڃن ٿا. سوالن جي وقفي دوران مسرت رفيق جي سوال جي جواب ۾ گهرو معاملن جي پارلياماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب ايوان کي ٻڌايو ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراين ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ لاٿ بعد گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو جي سوال جي جواب ۾ ناڻي امور جي پارلياماني سيڪريٽري ايوان کي ٻڌايو ته عارضي طور تي لڏي آيل آءِ ڊي پيز لاءِ 0 1  ڪروڙ 4 6  لک 5 4  هزار ڊالر غير ملڪي امداد ملي آهي، جنهن ۾ چيني حڪومت 5 8  لک ڊالر جو سازوسامان ۽ خوراڪ جڏهن ته 0 1  لک ڊالر ڪيش فراهم ڪيا آهن. يو ايس ايڊ ڊينمارڪ، برطانيا، جاپان ۽ ڪينيڊا عالمي امدادي ايجنسين ذريعي امداد ورهائي آهي جڏهن ته گڏيل عرب امارات خوراڪ جا 0 5  هزار ٿيلا ورهيا آهن. شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ گهرو معاملن جي پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته 4 1 -0 1 0 2 ع دوران 8 3 6  دهشتگرد مارجي ويا آهن، خيبر پختونخوا ۾ 4 0 3 ، سنڌ ۾ 6 0 2 ، بلوچستان ۾ 5 5  ۽ پنجاب ۾ 6 4  دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، فاٽا ۾ جاري آپريشن سبب انگ اکر حاصل ناهن ٿي سگهيا، ٻئي سوال جي جواب ۾ ناڻي امورو جي پارلياماني سيڪريٽري ايوان کي ٻڌايو ته مالي سال 4 1 -3 1 0 2 ع ۽ 5 1 -4 1 0 2 ع دوران سنڌ ۾ 1 6 2 1  ارب رپين لاڳت جا 0 1  ميگا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن جن مان هر هڪ منصوبو هڪ ارب کان وڌيڪ لاڳت جو آهي. مسرت رفيق جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو منصوبي جي لاڳت تي ڪا نظرثاني ناهي ڪئي وئي، منصوبي تي 4 4  ارب 4 8  ڪروڙ 6 5  لک رپيا خرچ ٿيندا جنهن تي وفاقي حڪومت 3 2  ارب 2 9  ڪروڙ رپيا خرچ ڪري رهي آهي. مزمل قريشي جي سوال جي جواب ۾ گهرو معاملن جي پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته سال 4 1 -3 1 0 2 ع دوران منشيات جي 6 8 8  ڪيسن ۾ 8 8 8 1  جوابدارن جو چالان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عذرا افضل جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 9 2 3  ديني مدرسا آهن جن مان 5 7 1  رجسٽرڊ مدرسا آهن، 3 5  غير رجسٽرڊ ۽ 1 0 1  مڪتب آهن. نعيمه ڪشور جي سوال جي جواب ۾ ناڻي امور جي پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته گذريل 5  سالن دوران خيبر پختونخوا کي دهشتگردي سان لاڳاپيل خرچن جي ڏس ۾ 6 8  ارب 9 9  ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. خالده منصور جي سوال جي جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ويو ته خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ايرا هڪ هزار اسڪول آڪٽوبر 5 1 0 2 ع تائين مڪمل ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *