سينيٽ چونڊن جي تاريخ تبديل، پولنگ هاڻي 3 بدران پنج مارچ تي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، سينيٽ چونڊن جــِي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي،پولنگ هاڻي 3 بدران پنج مارچ تي ٿيندي، جڏهن ته اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذن جــِي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ جو عمل جاري آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ وقت ڏيڻ سبب سينيٽ چونڊن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سينيٽ جي 52 سيٽن تي چونڊن لاءِ سڄي ملڪ مان اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي جيڪو سڀاڻي تائين جاري رهندو. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل 16 ۽ 17 فيبروري تي ٿيندو، جڏهن ته اميدوارن جي قطعي لسٽ 25 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *