مڪاني قانون تي سياست نه ڪئي وڃي، قانون سسٽم جي بهتري لاءِ آهي: ناصر شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي بلديات، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران پنهنجي ماتحت کاتن جي ترقياتي اسڪيمن جي باري ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جي حڪمن تي کاتيدار پروگريس جي حوالي سان پريس بريفنگ جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ صوبي جي سمورن وزيرن کي هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته بلديات سرٽيفڪيٽن کي جاري ڪرڻ جو نظام نادرا جي حوالي ڪيو ويو آهي. ميگا ترقياتي اسڪيمون ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن. ان سان گڏوگڏ  لاڙڪاڻي، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين ڊويزنن ۾ به ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن ۽ انفرااسٽرڪچر بهتر ڪيو آهي. سڀني کان وڌيڪ انڊر پاسز ۽ اور هيڊ برجز ڪراچي ۾ تعمير ڪيا ويا آهن. واٽر بورڊ جي ستر سال پراڻي پمپنگ اسٽيشنز کي بهتر ڪيو ويو آهي. ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي اسڪيمن ۾ بهتري آندي وئي آهي. انهن ادارن جي انتظام هيٺ علائقن ۾ يوٽيلٽيز پهچايون ويون آهن. پاڻي، سيوريج، انفرااسٽرڪچر، گيس ۽ بجلي جي لائنن تي ڪم جاري آهي صوبي جي شهرن ۾ شهر خاموشان جي نالي سان اٿارٽي بڻائي وئي آهي. جيڪا قبرستانن جي لاءِ جاءِ مختص ڪندي. هن چيو ته سول سوسائٽي به سنڌ حڪومت جي اسڪيمن ۾ ڪافي سهڪار ڪيو آهي. جنهن لاءِ اسين سندن ٿورائتا آهيون. هن چيو ته حيدرآباد جي ڪجھ پلن تي عدالتي معاملن جي ڪري ڪم رڪيل آهي انهن کي به شروع ڪرايو ويندو. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ترقياتي ڪم ڪري رهيا آهيون. بلدياتي قانون ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ نئين بلدياتي قانون ۾ 2013 جي مقابلي ۾ ڪافي بهتري آندي وئي آهي بلدياتي ادارن ۽ نمائندن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانون آسماني صحيفون ناهين انهن ۾ مشوري سان تبديلي به ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته اسان جو بلدياتي قانون باقي ٽن صوبن جي بلدياتي قانونن کان بهتر آهي. پوءِ به سنڌ جي بلدياتي قانون تي پوائينٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته باقي ٽن صوبن ۾ انهن جي حڪومت آهي اهي ٻڌائين ته اتي ميئر کي ڪيترا اختيار آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت اتفاق رائي سان قانون سازي تي يقين رکي ٿي ۽ اسان مسلم ليگ (ن) پي ٽِي آئي، اي اين پي، جي يو آئي ۽ ٻين جماعتن سان مشورا ڪندا رهيا آهيون ۽ اهو عمل جاري رهندو. هن چيو ته غير قانوني تعميرات کي روڪڻ جي لاءِ ضلعي بنيادن تي ڪميٽيون بڻايون ويون آهن. جن ۾ بلدياتي نمائندن سان گڏوگڏ ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل آهن. غير قانون تعميرات کي روڪڻ جي لاءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪري رهيا آهيون. وڏي نالن تي قبضن جي خاتمي ۾ عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ڪامياب آپريشن ٿيو. ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز جي نالن تي به صفائي جو ڪم جاري آهي. شير شاھ نالي جو قبضو 65 جي ڳالھ آهي باقي سنڌ حڪومت ان جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي نالن تان قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته ڪجھ قبضن تي ڪارروائي جي دوران اسٽي آرڊر به اچي ويندو آهي. بلدياتي ادارن جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ جي شڪايت هئي ان جي بهتري جي لاءِ سنڌ حڪومت انهن کي بااختيار بڻائڻ اُپاءُ ورتا آهن. بلدياتي چونڊون اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن جي لاءِ مڪمل تيار آهي. سنڌ حڪومت برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيم بڻايا آهن گذريل اليڪشن جي مقابلي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ وڌيو آهي. عوام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي پسند ڪري ٿو. اپوزيشن جي جماعتن سان مشاورتي عمل جاري آهي پوليس ۽ ٻين صوبائي ادارن ۾ بلدياتي نمائندن کي بااختيار بڻايو آهي. ضلع ملير، ضلع جنوبي ۽ ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ڪونسل ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندگي ماضي ۾ به نمايا طور تي تي موجود رهي آهي انشاءَ الله آئنده به چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ٻين ضلعن ۾ به نمائندگي حاصل ڪندي. انشاءَ الله پيپلز پارٽي جو جيالو ئي ڪراچي جو ايندڙ ميئر هوندو. هن چيو ته قبضن کي هٽائڻ وقت اتي رهندڙن آبادي جو خيال ڪيو ويندو. هن چيو ته شيرشاھ ڌماڪي جي جانچ جاري آهي پورٽ اچڻ تي ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *