افغانستان کي انساني تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي ڪوششون اڻٽر آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي افغانستان بابت خاص نمائندي ٿامس ويٽ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آمريڪي خاص نمائندي چيو آهي ته پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون آئي ايس پي آر مطابق سپهه سالار سان ٿامس ويٽ جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ملاقات دوران افغانستان جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻطرفي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون جڏهن ته جنرل قمر جاويد باجوا اسلامي تعاون تنطيم جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت تي آمريڪي خاص نمائندي جو شڪريو ادا ڪيو آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته افغانستان کي انساني تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي ڪوششون اڻٽر آهن دنيا ۽ خطي هڪ غير مستحڪم افغانستان جي سٽ نٿو سهي سگهي ملاقات ۾ آمريڪي نمائندي افغانستان بابت پاڪستان جي ڪردار پاڪ افغان بارڊر مئنجمينٽ بابت پاڪستان جي ڪوششن جي به ساراهه ڪئي آرمي چيف سان ملاقات ۾ ٿامس ويٽ چيو ته پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *