حڪومت فرنس آئل سان مهانگي بجلي ٺاهي رهي آهي: ن ليگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿيڻ جي ذميوار  وفاقي سرڪار آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ تمام گهڻي بجلي موجود آهي، رڳو ٺاهڻ جي ضرورت آهي، حڪومت جا فرنس آئل پلانٽس مهانگي بجلي ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته ڪول پلانٽس سستي بجلي ٺاهيندا آهن، انهن پلانٽس جي ڪري پاڪستان ۾ تمام گهڻي بجلي موجود آهي، ٿر  ۾ 6 ميگا واٽ جو ڪول پلانٽ هلي رهيو آهي، لنڊي ڪوتل جو پلانٽ جيڪو مشرف جي وقت ۾ شروع ٿيو، ان کي مڪمل ڪيو ويو، گڊو ٿرمل پلانٽ ساڍا 700 ميگا واٽ بجلي ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايل اين جي اچڻ سان جيڪي پلانٽس بند هئا، اهي سڀ هلي ويا، سمجهه کان ٻاهر آهي ته هي فرنس آئل سان مهانگا پلانٽس ڇو هلائي رهيا آهن، فرنس آئل وارا مهانگا پلانٽس بند ڪيا وڃن، حڪومت پنهنجي نااهلي جي ڪري ايل اين جي نه گهرائي سگهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته 2018 ۾ ڪابينا فيصلو ڪيو ته فرنس آئل امپورٽ نه ڪنداسين، جڏهن پاڪستان فيصلو ڪيو ته دنيا ۾ فرنس آئل جو اگهه ڪري پيو، بدقسمتي سان هن حڪومت فرنس آئل جي امپورٽ شروع ڪري ڇڏي، فرنس آئل سان 50 سيڪڙو مهانگي بجلي ٺهندي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *