مڙس جي مهڻن مان تنگ فيشن بلاگر آمنا عتيق آپگهات ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) گهريلو تشدد ۽ مڙس جي ناروا ورتاءَ مان تنگ اچي فيشن بلاگر آمنا عتيق آپگهات ڪري ڇڏيو. مشهور فيشن بلاگر آمنا عتيق انسٽاگرام ميڪ اپ آرٽسٽ هئي. هو هڪ فيشن برينڊ جي شريڪ باني به هئي. فيس بڪ تي هن برينڊ پنهنجي هڪ پوسٽ تي آمنا جي لاڏاڻي جو اطلاع ڏنو ۽ ان لاءِ مغفرت لاءِ دعا جي اپيل ڪئي. 24 سالن جي آمنا آپگهات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اپلوڊ ڪيل پنهنجي وڊيو ۾ گهريلو زندگي ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين کي برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ مڙس هٿان ٿيندڙ ناجائزين بابت به ڳالهايو. آپگهات کان هڪ ڏينهن اڳ آمنا پنهنجي هڪ وڊيو ۾ ٻڌايو هو ته سندس مڙس نه رڳو مٿس تشدد ڪندو آهي پر گار گند به ڪندو آهي. ايان نالي شخص آمنا جو ٻيو مڙس آهي. آمنا پنهنجي وڊيو ۾ ٻڌايو هو ته پهرين شادي سندس ويڳي ماءُ زبردستي ڪرائي هئي. جنهن مان کيس هڪ ڌيءُ به هئي. شادي جي ٽن سالن کانپوءِ آمنا جي مڙس سندس ڌيءُ سميت گهران ڪڍي ڇڏيو. آمنا جو پنهنجي هڪ وڊيو ۾ چوڻ هو ته سندس مڙس منشيات جو عادي هو جنهن جي اثر هيٺ هو کيس ذهني ۽ جسماني طور تي هر طرح جي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو جنهن کانپوءِ هو ڊپريشن جو شڪار رهڻ لڳي. طلاق کانپوءِ جڏهن آمنا پنهنجي والد جي گهر وئي ته سندس والد به کيس گهر ۾ جاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته معاشري ۾ رڳو عورت کي ئي طلاق جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو. طلاق جي طعني کان بچڻ لاءِ ئي آمنا جي پيءُ جڏهن گهر ۾ جاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته آمنا دوست جي گهر پناهه ورتي ۽ اتان بيوٽيشن جو ڪم شروع ڪيو. جون 2018ع ۾ ايان نالي شخص آمنا کي شادي جي آڇ ڪئي ۽ هن قبول ڪئي. جڏهن آمنا جي برينڊ نالو ڪمائڻ شروع ڪيو ته ايان به آمنا سان اڳوڻي مڙس جيان ورتاءُ ڪرڻ لڳو ۽ ماضي جا طعنا ڏيڻ شروع ڪيا. وڊيو اپلوڊ ٿيڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي آمنا عتيق مئل حالت ۾ ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *