سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ لنڊسي لوهان جي لاڳاپن جون خبرون بي بنياد قرار

 

حيدرآباد(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا لنڊسي لوهان جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان لاڳاپن جون خبرون بي بنياد آهن.پرڏيهي خابرو اداري کي هڪ انٽرويو دوران هن پنهنجي ذاتي زندگي تي روشني وڌي ۽ چيو ته ماضي ۾ مون کي نوجوان دوکو ڏنو.دوکو ڏيڻ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا سميت ٻين جاين تي افواهون گرم ٿي ويون هيون ته هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا لنڊسي لوهان ۽ محمد بن سلمان هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا جڏهن ته ان کانپوءِ انهن وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي هاڻ ان خبر جي ترديد ڪندي سندس چوڻ هو ته اهي سموريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.ريڊيو شو دوران اداڪارا جو چوڻ هو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ڪڏهن به منهنجو ڪوبه لاڳاپو ناهي، انٽرويو ۾ لنڊسي بنا پنهنجي بوائي فرينڊ جو نالو وٺندي چيو ته منهن ڪنهن کي پسند ڪندي هيس پر اڄ ئي اسان جو رستو ختم ٿي ويو جيتوڻيڪ ڪوبه نه ٿو ڄاڻي ته اهو ڪير آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *