شاهد خاقان عباسي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي، جيڪو گلاس هڻندو ان کي آئون جيڪو گلاس هڻندس اهو ڏسندو: اڳوڻو وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، نيب عملدارن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او عمران الحق کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب جي طرفان شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جوابدارن جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن تي عدالت جسماني ريمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي صلاحڪار ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت نيب کي ٽنهي جوابدارن کي 11 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، شاهد خاقان عباسي 9 صفحن تي ٻڌل تحريري بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن دوران اڳوڻو وزيراعظم روسٽرم تي آيو ۽ جج محمد بشير سان مڪالمو ڪيو ته نيب تماشو بڻائي ڇڏيو آهي، ٻن آفيسرن کي ڌمڪائي سلطاني شاهد بڻايو آهي، شاهد خاقان چيو ته نيب وارا جيترو ريمانڊ گهري رهيا آهن انهن کي ڏيو، آئون عدالتن کي اهو چئي رهيو آهيان ته عدالتن ۾ ڪو به انصاف ڪونهي، ٻئي پاسي شاهد خاقان عباسي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي، جنهن ۾ جاچ دوران مبينا بدسلوڪي جي معاملي جو به ذڪر ڪيو، صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان سان مس هينڊلنگ ٿي، ان تي شاهد خاقان چيو ته مون سان بس هينڊلنگ ناهي ٿي، هي جيڪي ايڪسپرٽ آندا ويا آئون ان سان مس هينڊلنگ ڪرڻ لڳس، نيب جي ان شخص سان مس هينڊلنگ ڪرڻ به گهرجي ها، مون مس هينڊلنگ ناهي ڪئي پر ڪرڻ گهرجي ها، صحافي سوال ڪيو ته عباسي صاحب ڇا اوهان کي گلاس هنيو ويو ؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪو گلاس هڻندو ان کي آئون جيڪو گلاس هڻندس اهو ڏسندو، ياد رهي ته نيب ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي 18 جولاءِ تي گرفتار ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *