مٺي ۾ 24 ڪلاڪن اندر 5 معصوم ٻارڙا فوت

مٺي(م.ڊ) ٿر جي ماروئڙن تي موت جا لامارا بدستور جاري، بک وڌيڪ 5 معصوم جانيون ڪڙڪائي وئي، هلندڙ مهيني جي 27 ڏينهن دوران فوتين جو انگ 37 ٿي ويو، ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ ورتل  5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. نومبر مهيني ۾ مري ويلن جو انگ 37 ٿي ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن اندر 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سيءَ ۾ اضافو ٿيڻ ڪري به پهرين کان بيمار معصوم ٻارڙا وڌيڪ بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. جنهن جي ڪري بيمار ٻارڙن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *