پاڪ ترڪ اسڪولن جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي، ڪو به ٻار متاثر نه ٿيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي اصلاحاتي منصوبي تحت سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت اسلام آباد جي 422 اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خانگي اسڪولن جي انتظاميا جي معاونت سان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گڏيل سڌارن جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، سرڪاري اسڪولن جي فزيڪل انفرا اسٽرڪچر ڪوالٽي آف ايجوڪيشن ۽ استادن جي تربيت ۾ بهتري لاءِ ٽيچرز ٽريننگ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ايندڙ تعليمي سال جي شروعات کان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن جي شاگردن کي معياري ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، آچر تي اسلام آباد ۾ نجي اسڪول جي فن فيئر ميلي جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيت چيو ته سرڪاري شعبي جي اسڪولن جي معياري تعليم ۾ بهتري لاءِ وزيراعظم جي تعليمي سڌاري واري پروگرام تحت استادن جي تربيت ۾ بهتري لاءِ ايڊوائيزري ڪونسل جي مشوري سان قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت پبلڪ سيڪٽر جي تعليمي ادارن ۾ موجوده فزيڪلي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري ۽ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي شاگردن جي تعليم جي حصول واري نظام ۾ بهتري ۽استادن جي پيشور تربيت ۽ ترقي سان گڏوگڏ معياري ٽرانسپورٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي، هن چيو ته پبلڪ سيڪٽر اسڪولن ۾ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي سلسلي ۾ 25 بسون ملي چڪيون آهن، جڏهن ته وڌيڪ بسيون نئين تعليم واري سال کان اڳ اچي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *