جنرل راحيل شريف شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنجاهه ۾ شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪيو، اسپتال علائقي جي رهوسين جي علاج جي سهولت لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف جنرل اسٽاف جنرل راحيل شريف گجرات جي علائقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنجاه جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ڪيل شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪيو، اها اسپتال علائقي واسين جي علاج جي سهولت لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، افتتاحي تقريب ۾ علائقي جي معزز ماڻهو به موجود هئا، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسپتال جو معائنو ڪيو ۽ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *