دادو لڳ سراز برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڀاڻج هٿان مامو قتل، جوابدارن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل، پوليس تي ڌر هئڻ جو الزام

دادو (ڊ.ر) دادو ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رميز ڪالوني ۾ مبينا ڀاڻج هٿان چاچو قتل ٿي ويو، سراز برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 72 سالا پيرسن سابقہ انفارميشن کاتي جو ملازم هاشم پٽ صديق سراز قتل ٿي ويو جنهن جو لاش وارث سول اسپتال دادو کڻائي پهتا مقتول پيرسن جي گهر واري مسمات حميده سراز سندس پٽ غفار سراز، سڪندر سراز ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪجھه ڏينهن کان گهٽي جي معامري تان تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻن گهر تي حملو ڪيو ڏنڊا ۽ سروتا لڳڻ سبب پيرسن موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، پوليس اهلڪار عرس سراز، اهلڪار بشير سراز، انور، حسيب، اصغر، سرور سراز ۽ ٻين گهر تي حملو ڪيو مقتول جو لاش وارث ضروري ڪاروائي کان بنا ئي اسپتال مان کڻائي دادو پريس ڪلب آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارثن دانهيو ته جوابدارن ۾ ٻه پوليس اهلڪار آهن پوليس پنهنجن پٽي ڀائرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊيوٽي ڊاڪٽر طالب ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته پيرسن جي جسم تي ڪوبه واضع تشدد جو نشان نه هو، پوليس ليٽر نه هجڻ سبب مقتول جي وارثن کي پوليس جو ليٽر کڻي اچڻ لاءِ چيو ته هو لاش کڻائي هليا ويا، هن چيو ته پوسٽ مارٽم بعد ئي وڌيڪ ڪجھه ٻڌائي سگهجي ٿو، آخري اطلاع تائين پوليس پاران ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *