ميگهن مرڪل تي ڪيتريون ئي شاهي پابنديون، روايتن جي پوئواري جو حڪم

لنڊن(شوبز نيوز)برطانوي شهزادي هيري سان مڱڻي ڪندڙ آمريڪي اداڪارا ميگهن مرڪل کي راڻي ايلزبيٿ 2 عوامي ملاقاتن دوران يا محل کان ٻاهر ۽ محل جي اندر شهزادي جي پويان هلڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا مطابق تاج برطانيه جي راڻيءَ جي حڪمن تحت شاهي خاندان جي روايتن جي پوئواري کي ميگهن مرڪل لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ سندس آڏو واضح ڪيو ويو آهي ته هوءَ شاهي خاندان ۾ رهڻ چاهي ٿي ته شاهي پابندين تي عمل به ڪري. برطانوي رسالي لکيو آهي ته ميگهن مرڪل کي راڻي جا ڪيترائي حڪم ٻڌائڻ سان گڏ چيو ويو آهي ته شاهي خاندان ۾ شموليت سولو نه آهي.جڏهن ته شاهي خاندان جي فرد طور لاڳو ٿيل پابندين جو ٻڌي ميگهن کان اڪثر ڇرڪ نڪري ويندو آهي. راڻيءَ جي لاڳو ڪيل پابندين مطابق ميگهن مرڪل کي شهزادي هيري کان پهرين ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي، کيس چيو ويو آهي ته اها سندس پٺيان هلي، ڇاڪاڻ ته زال جو غلام شهزادو وارو تاثر چڱو ناهي. جڏهن ته پابندين تحت ميگهن خوبصورتي، لباس ۽ ٻين عام معاملن بابت نه ڳالهائيندي ۽ نه وري ذاتي فون رکي سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهي خاندان جي روايتن مطابق شهزادي کي ارل يعني نواب ۽ ميگهن کي ڪائونٽيس آف راس جا شاهي لقب ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *