پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 18 رنسن تان شڪست ڏيئي ٽن ميچن واري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.نيوزيلينڊ خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز  کٽڻ کانپوءِ پاڪستان ٽي 20 جي نمبر ون ٽيم بڻجي وئي آهي. پاڪستان ڪيويز کي انهن جي هوم گرائونڊ تي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پهريون ڀيرو شڪست ڏني آهي. بي اوول ۾ کيڏي ويندڙ ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستان جي 182 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي.نيوزيلينڊ بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته 32 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيويز ڪپتان وليم سن 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. مارٽن گپٽل شاندار 59، انارو ڪچن 19، ڪولن ڊي گرينڊ هوم هڪ، روس ٽيلر 25، ٽوم بروس 22 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليا ويا.پاڪستان جي محمد عامر، عامر يامين، رومان رئيس ۽ فهيم اشرف  هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *