زندگي ۾ لڳاتار جدوجهد ڪندڙ ئي منزل ماڻيندا آهن: سعيده امتياز

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ادڪارا ۽ ماڊل سعيده امتياز چيو آهي ته ڪاميابيون ۽ ناڪاميون زندگي سان گڏ هلنديون رهنديون آهن پر زندگي ۾ اهي ئي ماڻهو منزل ماڻيندا آهن جيڪي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ باوجود جدوجه  وسيلي اڳتي وڌندا رهندا آهن.هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان شوبز جي دنيا ۾ آيس ته ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر پنهنجي جدوجهد سان اڳتي وڌندي رهيس. پاڪستاني فلمن جي حوالي سان سعيده امتياز چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت سٺيون فلمون پروڊيوس ڪيون پيون وڃن ۽ اميد آهي ته ان جا بهتر نتيجا سامهون ايندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *