ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات واري خاص مددگار  فردوس عاشق اعواڻ پارليماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهي ٿي پر ان سلسلي ۾ ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو. خاص مددگار چيو ته پاڪستان کي بهتر حالتن تي گامزن ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ايندڙ مثبت تبديلين کي اجاڳر ڪرڻ ۽ دنيا ۾ بهتر تصور پيش ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ چاهي ٿو ته ميڊيا تي ايندڙ تبصرن ۽ ناڪاري رپورٽنگ جي ڪري ان جي حوصلا شڪني ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت توهان جي سامهون آهي پر قومي مفاد جي حوالي سان هلائي ويندڙ خبرن ۾ ذميواري چاهيون ٿا، جيڪڏهن ملڪ جي اهم معاملن جي حوالن سان خبر هجي ته لاڳاپيل اختيارين جي راءِ به ورتي وڃي. هن چيو ته پريس ڪونسل ۾ ميڊيا ڪارڪنن جي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو ويندو جڏهن ته سڌُ سماءَ واري وارت بدران پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا اٿارٽي جيڪا هڪ ريگوليٽر آهي، ان جو ڪم آهي ته ڪنهن چينل کي لائسنس ڏيڻ کان اڳ ڪارڪنن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت وٺي. هن ٻڌايو ته مختلف عدالتن ۾ 658 ڪيس اهڙا آهن، جنهن ۾ ميڊيا جا مختلف ادارا ٻين ادارن سان پنجي آزمائي ڪري رهيا آهن، جنهن سان نه رڳو صحافين جا مفاد پر قومي مفاد به سلهاڙيل آهي. هن ٻڌايو ته ان صورتحال تي ويهي ڳالهيون ڪيون پر هن وقت تائين حڪومت ميڊيا ٽريبونلز جو حتمي ڊرافٽ تيار ناهي ڪيو جنهن جي منظوري وٺي سگهجي پر هڪ ڪابينا اجلاس ۾ ميمبرن خدشن جو اظهار ڪيو هو ته ذاتي فائدي تي سندس شهرت کي نقصان رسايو ويو جنهن تي وزير اعظم تجويزون طلب ڪيون هيون ته ڪهڙي ريت ميڊيا کي ذميواراڻي ڪردار جي لاءِ  سلهاڙيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *