پنڊي جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، حڪران ڀلي شوق پورا ڪن: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب طرفان آصف زرداري کي سندس خلاف ريفرنس جون ڪاپيز به مهيا ڪيون ويون. عدالت مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيس جي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين تي فردِ جرم لاڳو ڪيو ويندو.   ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته هو سڪون سان ويٺا آهن، حڪمرانن کي پنهنجا شوق پورا ڪرڻ ڏيو، مولانا جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو بلاول صاحب ڪندو، پنڊي جي موسم تبديل ٿي رهي آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري اسلام آباد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته حڪومت مراد علي شاهه سوڌو جنهن کي به گرفتار ڪرڻ گهري ٿي، گرفتار ڪري، حڪومت سڀني کي گرفتار ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري. کين پروڊڪشن آرڊرز جي ضرورت نه آهي. صحافي سوال ڪيو ته توهان نٿا سمجهو ته مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي؟ جنهن جي جواب ۾ آصف زرداي چيو ته هو جيل ۾ آهي، ڌرڻي ۾ شرڪت جي حوالي سان فيصلو بلاول صاحب ڪندو. آصف زرداري کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ويو ته توهان پنڊي ۾ آهيو، پنڊي جي اڄڪلهه موسم ڪيئن آهي؟ هُن مسڪرائيندي جواب ڏنو ۽ چيو ته اڄڪلهه برسات ٿي رهي آهي، پنڊي ۾ به موسم تبديل ٿي رهي آهي. ضمانت درخواستن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته ضمانتون ڪرائڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي، هو سُڪون سان ويٺا آهن، حڪمرانن کي پنهنجا شوق پورا ڪرڻ ڏيو. ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *