بلديا فيڪٽري سانحو: مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن.

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن. ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. دبئي ۾ پاڪستان سفارت خاني مان فيڪٽري مالڪ ارشد ڀائيلا جو اسڪائپ جي ذريعي بيان ريڪارڊ ڪيو ويو.  هن رحمان ڀولا زبير چريا، رئوف صديقي سميت ٻين جوابدارن کي سڃاڻي ورتو پر ٻن جوابدارن کي سڃاڻي نه سگهيو. ارشد ڀائيلا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته منصور 2004ع ۾ فيڪٽري جوائنٽ ڪئي ۽ ساڳي سال ايم ڪيو ايم جو ڀتو به شروع ٿي ويو، ايم ڪيو ايم سان معاملا منصور طئي ڪرايا هئا، ايم ڪيو ايم کي 15 کان 25 ڪل رپيا ڀتو ويندو هو، منصور چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻو آهي ته ايم ڪيو ايم سان ٺاهي رکڻي پوندي، پوءِ حماد صديقي جي چوڻ تي 12ع ۾ 25 ڪروڙ رپيا گهريا ويا، مون منصور کي چيو ته هڪ ڪروڙ رپيا ڏئي معاملا طئي ڪيو، رحمان ڀولا چيو ته يا ته 25 ڪروڙ ڏيو يا پارٽنرشپ ڪيو. ارشد ڀائيلا ٻڌايو ته 11 سيپٽمبر 2012ع جي شام جو فيڪٽري مان نڪري رهيو هيس ته اڪائونٽنٽ ٻڌايو ته باهه لڳي پئي آهي، ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ فائربريگيڊ پهتي پر هن وٽ پاڻي نه هو ۽ اوزار به نه هئا، مون فائر بريگيڊ وارن کي پنهنجي هائيڊرنٽ تان پاڻي جي آڇ ڪئي جنهن کي هنن رد ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. ارشد ڀائيلا چيو ته اسان ٽن سالن تائين متاثرن کي راشن ڏيندا رهياسين ۽ مالي امداد  به ڪئي،  ڪميشن بڻي ته اسان فرانسڪ جي ڊيمانڊ ڪئي جنهن کي  رد ڪيو ويو، ان وقت جي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير رئوف صديقي اسان ئي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، اسان پنهنجي ڪيس جي لاءِ  نعمت الله رنڌاوا ايڊووڪيٽ جون خدمتون حاصل ڪيون هيون جيڪو ڪجهه تاريخن ۾ پيش ٿوي پوءِ هن کي به قتل ڪيو ويو. ارشد ڀائيلا بيان ڏنو ته جون 2013ع ۾ اسان جي انڪل کي سائيٽ ايريا مان اغوا ڪيو ويو، سي پي ايل سي جي اڳوڻي چيف احمد چناءِ  اسان کي اغوا ڪندڙن سان معاملا طئي ڪرڻ جو چيو، اسان جي انڪل کي ڳري ڀنگ وٺڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. ارشد ڀائيلا چيو ته 13 سيپٽمبر تي گورنر عشرت العباد احمد چناءِ جي ذريعي پيغام موڪليو ته اسان گورنر هائوس ۾ پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيون، گورنر چيو ته جيڪڏهن اسان ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان متاثرن کي معاوضو ڏيو ته سموريون شيون ٺيڪ ٿي وينديون، معاملو ٿڌو ڪرڻو آهي ته هر فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 4 لک رپيا ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تي  جمع ڪرايو. ارشد ڀائيلا وڌيڪ ٻڌايو ته اڳوڻي ايم اين اي سلمان مجاهد بلوچ جيل ۾ لاقات ڪئي ۽ چيو ته مون کي وڪيل ڪري آئون معاملو ٿڏو ڪندس، اسان جڏهن ضمانت تي آزاد ٿياسين ته ايم ڪيو ايم طرفان اسان تي سخت دٻاءُ وڌو ويو، اسان ايم ڪيو امي جي ذريعي معاملا طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جوابدار علي قادري جي اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ 98 لک پيا جمع ڪرايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *