ٿر ۾ کوهه سڪي ويا، مال ۽ پکي مرن ٿا، ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان، فوري اپاءُ جو حڪم وٺو، عدالت

اسلام ڪوٽ(رپورٽ سجاول بجير)ٿر ۾ کوهه سڪي ويا، مال ۽ پکي مرن ٿا، ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان آهن، فوري اپاءَ وٺو، عدالت، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ ضلعي ۾ ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ جو ميڊيا ۾ شايع ٿيل خبر جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته عيد کان اڳ مسئلو حل ڪريو ۽ عدالت کي آگاهه ڪريو. هن خط ۾ لکيو آهي ته کوهه خشڪ ٿي ويا آهن، چوپايو مال ۽ پکي مري رهيا آهن، ماڻهو پريشان آهن، ميڊيا ۾ روز خبرون اچن پيون پر ڪو واسطيدار عملدار نوٽيس ئي نٿو وٺي. هن سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهين ذاتي طور نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪريو. خط جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي. جنهن ۾ جج صاحب هدايت ڪئي آهي ته ٿرپارڪر جي مختلف شهرن ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، ڏاهلي ۽ چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ٻهراڙين ۾  پيئڻ جي پاڻي جو مناسب انتظام ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ جون اسڪيمون ناڪام ٿيون آهن ۽ عوام جي پريشانين جو واسطيدار عملدار نوٽيس نٿا وٺن. خط جي ڪاپي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار، چيف سيڪريٽري ۽ ڊي سي کي به اماڻي وئي آهي. ياد رهي ته سنڌيار ۾ ڇور ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر پڻ شايع ٿي هئي. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران پاڪ اوئيسس ڪمپني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کاتي ٿرپارڪر کي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماڻهن جي پئيڻ جي پاڻي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي جلد کان جلد رهيل  آر او پلانٽس لڳايا وڃن ۽ ان کان علاوه جيڪي آر او پلانٽس غير فعال آهن انهن کي فوري طور تي فعال بڻائي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي .ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي  برداشت نه ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *