ميچ فڪنسگ پوري دنيا ۾ ٿيندي آهي، شرجيل ۽ خالد اعتراف ڪري ورتو آهي: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ميچ فڪسنگ پوري دنيا ۾ ٿيندي آهي، هندوستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سميت جتي به ٽي ٽوئنٽي ميچون ٿينديون آهن اتي بڪي اچي ويندا آهن. شرجيل خان ۽ خالد لطيف بڪي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي رانديگرن جي بيان ۾ فرق آهي، فاست بالر محمد عرفان خلاف تحقيق جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي قائمه ڪميٽي برائي بين الصوبائي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. ڪميٽي جي اجلاس چيئرمين سينيٽر مشاهد الله خان جي صدارت هيٺ ٿيو. مشاهد الله خان چيئرمين پي سي بي کان پڇا ڪئي ته ٻڌايو آءِ سي سي سان توهان رابطو ڪيو يا انهن توهان سان رابطو ڪيو، جيڪڏهن توهان آءِ سي سي سان رابطو ڪيو ته توهان کي خبرن جي ترديد ڪرڻ گهربي هئي. پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان ٻڌايو ته اسان وٽ اهي اطلاع هيا ته اهڙو واقعو ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ تيار هئاسين، پهريون پي ايس ايل ڪامياب ٿيو ته ٻئي ۾ بڪي اچي ويا، جيڪي رانديگرن سان سڌو سنئون نه بلڪ رشتيدارن يا اڳوڻن رانديگرن ذريعي رابطو ڪندا آهن. ان چيو ته يوسف جو ناصر جمشيد سان رابطو ٿيو، ٻئي لنڊن مان دبئي آيا، ناصر جمشيد رانديگرن کي چيو ته هي ماڻهو توهان سان ملڻ ٿو چاهي، ناصر جمشيد ٽن رانديگرن خالد لطيف، شرجيل ۽ عرفان کي يوسف سان ملرايو. شهريار خان وڌيڪ ٻڌايو ته رانديگرن کي مستقل طور تي اردو ۽ انگريزي زبان ۾ بريفنگ ڏني ويندي آهي جڏهن ته انهن قبول ڪيو آهي ته رانديگرن بورڊ کي نه ٻڌايو ته بڪي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهو انهن جو آفيشل بيان آهي، جيڪو پهرين بيان کان ٿورو مختلف هو. ان چيو ته جيڪي شاهديون مليون، ان مان لڳو ته شرجيل بڪي سان ڳالهه تي ميچ ۾ اڳڀرائي ڪئي، خالد ان ڏينهن ميچ نه کيڏي هئي، پر ان رضامنديءَ جو اظهار ڪيو هو، عرفان سان بڪي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر ان هڪ ڪَن مان ڳالهه ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏي، ان سيڪيورٽي آفيشل کي ان جو اطلاع نه ڪيو. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اهو وڌيڪ کيڏڻ چاهي ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن ڳالهيون ڪرڻ بدران سڌو سنئون مونسان ڳالهائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *