پوني ٽيسٽ: ڪينگروز، ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، 105 رنز تي پوري ٽيم ڍير

پوني(اسپورٽس نيوز) پوني ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڪينگروز ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، پوري ٽيم کي 105 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب: پوني ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن شروع ٿيو ته آسٽريليا 9/254 رنز تان پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ صرف 6 رنز جو اضافو ڪري ڪينگروز جي ٽيم 260 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڀارت جي بيٽنگ آئي ته ڪينگروز جي بالرن به خوب پاڻ ملهايو ۽ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. ڀارت جي بيٽسمينن ۾ سواءِ لوڪيش راهول جي ٻيو ڪوبه بيٽسمين ڪريز تي نه ڄمي سگهيو، لوڪيش راهول اڪيلي سر 64 رنز جي اننگ کيڏي.رهاني 13، مرلي وجي 10، انهن کان علاوه ڪوبه ڀارتي بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه آيو. جڏهن ته دنيا جو بهترين بيٽسمين ويرات ڪوهلي بنا کاتو کولڻ جي ئي اسٽارڪ جي بالنگ تي هينڊڪومب جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو. جڏهن ته ڪينگروز بالر اسٽيو او ڪيفي ڀارتي بيٽنگ لائين تباهه ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو. هن 13.1 اوورن ۾ 35 رنز ڏئي 6 وڪيٽون وٺي ڀارت جي بيٽنگ لائين مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏي. جڏهن ته مچل اسٽارڪ 9 اوورن ۾ 38 رنز ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته هيزل ووڊ ۽ ناٿن ليون به 1-1 وڪيٽ ورتي. اهڙي طرح ٽيسٽ رينڪنگ جي پهريون نمبر ڀارتي ٽيم کي ڪينگرون 105 رنز تي آئوٽ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪينگرون پنهنجي ٻي اننگ جي شروعات ڪئي ته سندن ٻنهي اوپنرن وارنر کي 10 رنز تي ۽ شان مارش کي بنا کاتو کولڻ جي ايشون پويلين موٽائي ڇڏيو. جڏهن ته هانڊزڪومب کي به ايشون آئوٽ ڪيو ۽ ميٽ رينشا کي اُميش يادو پويلين موٽايو اهڙي طرح ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي آسٽريلين ٽيم 143 رنز تي 4 وڪيٽون وڃائي ويٺي، جڏهن ته ڀارت مٿان 298 رنز جي ليڊ آهي، ڪينگروز جو ڪپتان سمٿ 59 ۽ مچل مارش 21 رنز تي ڪريز تي موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *