ميلبورن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي اننگ ۽ 18 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي بالرن جي شاندار ڪارڪردگيءَ عيوض آسٽريليا پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اننگ ۽ 18 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگ 181 رنسن جي برتريءَ سان 624 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي. آسٽريليا جي ڪيپٽن اسٽيون سمٿ 165، ڊيوڊ وارنر 144، عثمان خواجه 97 ۽ مچل اسٽارڪ 84 رنسن سان نمايان رهيا. ٻي اننگ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين بُري طرح ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اسٽيون سمٿ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان طرفان پهرين اننگ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ اظهر علي 43 ۽ سرفراز احمد به 43 رنسون ٺاهي سگهيا. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 4، نيٿن ليون 3، هيزل ووڊ 2 ۽ جيڪن برڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *