نئين سال جو جشن ضرور ملهايو پر ڊرائيونگ ڪندي وقت احتياط ڪيو: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ڪنگ خان جي نالي سان سڃاتو ويندڙ شاهه رخ خان کان بهتر ڪوئي نٿو ڄاڻي ته پنهنجي فلم جي ماڪيٽنگ ڪهڙي انداز ۾ ڪئي وڃي شاهه رخ خان نئين سال جي موقعي تي سدماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ايندڙ فلم رئيس جي اسٽائل ۾ مداحن کي هڪ پيغام ڏيندي نظر آيو ان وڊيو ۾ شاهه رخ خان تمام سنجيده انداز ۾ مداحن کي سمجهايو ته هو نئين سال جو جشن ضرور ملهائين پر هو ڊرائيونگ ڪندي احتياط ڪن رئيس ايندڙ سال 25 جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. جن ۾ شاهه رخ خان سان گڏ مائره خان مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *