مڱڻي نه ٿي رهي آهي، منهنجي ۽ انوشڪا شرما جي مڱڻي ٿئي ها ته ان کي ڪڏهن به نه لڪايو وڃي ها: ويرات ڪوهلي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين رانديگر وييرات ڪوهلي اوشڪا شرما سان نئين سال جي شروعات تي مڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي ويرات ڪوهلي جو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي چوڻ هو ته اسان جي مڱڻي نه ٿي رهي آهي ۽ سڌي ڳالهه آهي جيڪڏهن اسان جي مڱڻي ٿئي ها ته اسان ان کي ڪڏهن به نه لڪايون ها ويرات ڪوهلي افواهه ڦهلائيندڙ سمورن نيوز چئنلن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جتي سمورا نيوز چينل توهان کي ڪوڙيون افوان کان پريشان ڪري رهيا آهن اتي اسان توهان جي ان پريشاني کي ختم ڪيون ٿا واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ويرات ڪوهي ۽ انوشڪا شرما جي بريڪ آپ جون خبرون به ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيو هيون جنهن سبب انوشڪا شرما جو شادي کان انڪار ڪرڻ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *