آسٽريليا جي عورت ايمپائر مينز ون ڊي مئچ جي ايمپائرنگ ڪري نئين تاريخ جوڙيندي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) آسٽريليا جي عورت ايمپائر ڪليئر انتوني پولوسڪ اڄ پهرين ڀيرو مردن جي هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ جي ايمپائرنگ ڪندڙ پهرين عورت ايمپائر هئڻ جو  اعزاز حاصل ڪندي. آءِ سي سي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

موجب ڪليئر پولسڪ نميبيا ۾ جاري ڪرڪيٽ ليگ ڊويزن 2  جي فائينل ۾ فيلڊ ايمپائر طور خدمتون انجام ڏيندي جنهن ۾ عمان ۽ نميبيا جي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.مردن جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ايمپائرنگ ڪرڻ تي پولوسڪ چوڻ هو ته خوشي اٿم ته آئون مينز ون ڊي ڪرڪيٽ جي پهرين عورت ايمپائر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪنديس.سندس چوڻ هو ته اهڙو ڪو به سبب ناهي ته عورتون ڪرڪيٽ ۾ ايمپائر نٿيون بڻجي سگهن پر اهو گهڻو اهم آهي ته عورت ايمپائرن کي موقعا ڏنا وڃن ته جيئن صنفي مٿڀيد ختم ٿئي ۽ ٻين عورتن کي به ان شعبي ۾ اڳتي اچڻ جو موقعو ملي. ڪليئر پولوسڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته چوڻ منهنجي ايمپائر بڻجڻ ۾ سڄي ٽيم جي محنت شامل آهي جنهن لاءِ مان انهن سڀني ساٿي ايمپائرن جي ٿورائتي آهن جن سان گڏ مون ڪم ڪيو  ۽ انهن کانسواءِ ڪرڪيٽ ايسوسيئشن، اين ايس ڪرڪيٽ ايمپائرن ۽ اسڪوررن، آسٽريلوي ڪرڪيٽ ايسوسيئشن سميت دوستن ۽  ڪٽنب جي هر هڪ فرد جي ٿورائتي آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو.ڪليئر پولوسڪ  2017ع کان ايمپائر طور ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي، هن سڀ کان پهريان وومين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مقابلن ۾ ايمپائرنگ ڪئي.  2018ع ۾ هن پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽيم جي افتتاحي ميچ ۾ فيلڊ ايمپائرنگ ڪئي جنهن ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون دوبدو هنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *